اي سنڌڙي مان جيڪر وفادار ٿيان ڪينجهر - TopicsExpress



          

اي سنڌڙي مان جيڪر وفادار ٿيان ڪينجهر ڪراچي کان ڪشمور تائين تنهنجي مٽي جو هر هڪ ذرو چُمان مان حياتي جا سڀ ورق ڌوئي ۽ ان تي بس لفظ هڪڙو سنڌڙي لکان .. اي سنڌڙي مان جيڪر وفادار ٿيان ۽ تنهنجي ئي نانءُ جي مليل تخت تي جي حاڪم ٿيان ۽ فخر سان ويهان مان هر هڪ حڪم تنهنجي نالي ڪيان اي سنڌڙي مان جيڪر وفادار ٿيان ... مان سُڪل ٿر کي ان جي ئي ميراث مان پاڻي بجلي ڏيان درد تنهن جا ونڊيان مان اتر لاڙ کي پاڻ سان گڏ کڻان روزگارن ۽ تنهنجي اثاثن جو مان حق بس حقدارن کي هٿ ۾ ڏيان نه وري انهن کي جي پويان بيهن ڪتي جهڙي ڪم تي لڳل صاحبن جي جئي جئي ٻڌي کين گهوري ڏيان تنهنجي حقن تي سودن ۾ شامل ٿي مان نه دلالي ڪيان ۽ نه غيرت ڏيان مان ڀٽائي جي ڌرتي تي ايئن جيان سنڌ راڻي جي همت کي ساڻ رکي هوشو ۽ فاضل جو جذبو کڻان مان سورهيه، سيد ۽ ڀٽي جيان غيرتي ٿي جيان غيرتي ٿي مران هاري ۽ تنهنجي مهاڻن جو مان ساٿي ٿيان درد تن جا ونڊيان نه غيرن جي ڊپ کان زمينون تنهنجون ڪميڻن ڪامورن جي هٿ ۾ ڏيان تنهنجي سڀ بندرگاهن جو هڪ هڪ روپيو تنهنجي پنهنجي ئي پاليل سپوتن کي ڏيان جن جو حق آ انهن بندرگاهن تي اڄ هر صورت انهن لئه اهو حق وٺان مان صحرا جي سون ۽ چاندي منجهان هر ڳوٺ تنهنجو روشن ڪيان مان تنهنجا ذخيرا ڇو ٻاهر نيان ۽ پنهنجا ٻئي هٿ پاڻ ئي وڍيان مان تنهنجي ذخيرن جي ڇنڊڇاڻ لئه پنهنجون سڀ ڪوششون آئون تو کي ڏيان جي وفادار ٿيان آئون سڀ ڪجهه ڪيان مان پنهنجي پُٽن ۽ تنهنجي ٻچن ۾ ڪا تفاوت نه ڪيان، جان حاضر ڪيان اي سنڌڙي مان جيڪر وفادار ٿيان ... ۽ جي نه ائين ڪيان ....؟ لوڪ کان مان هزارين گاريون ٻڌان پنهنجي رت جو نه ٿيان ٿڃ نه بخشو وڃان اي سنڌڙي مان جيڪر وفادار ٿيان مان سڀ ڪيان ۽ ڪري ٿو سگهان اي سنڌڙي مان جيڪر غيرت ڪيان اي سنڌڙي مان جيڪر وفادار ٿيان سـڄڻ ۽ سـاڻيهه، ڪنهــن اڻـــاسيءَ وســــري، حيــــف تنين کـــي هوءِ، وطــــن جـن وساريو۔
Posted on: Tue, 16 Jul 2013 11:52:52 +0000

Trending Topics



ht:30px;">
I shared this last year and Im doing it again this year. I
The hardest thing for me to do is to express how I feel about
A couple were sleeping on the bed. Suddenly there is a sound at
::CONGRATS TO ONE OF OUR ARTIST COMPETITION WINNERS!:: Scooter
【本日発売! 新製品カレンダー】要チェック!

Recently Viewed Topics




© 2015