سنڌ جي ورهاست جو - TopicsExpress



          

سنڌ جي ورهاست جو سوال؟ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ محمد رفيع لغاري صاحب گهڻي وقت کان معمولي رنجش سبب منهنجي ۽ خليل جي وچ ۾ ڪا خط و ڪتابت ڪانهي پر خليل سنڌ جي سُڄاڻ ماڻهن مان آهي هو رات و ڏينهان سنڌ لاءِ سوچي ۽ لوچي ٿو اُن ۾ مونکي ڪو به شڪ گمان ناهي مٿي ڏنل سندس ليک منطق، تاريخي حقيقتن جي آڌار لکيل آهي اُن سچائي جو انڪار يا جاهل يا سنڌ جا دشمن ڪري سگهندا، سڄ وانگر ظاهر حقيقتت کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي ته نسل پرستي جي باھ سنڌ کي ڳڙڪائي ويندي اُن کان جيترو ٿي سگهي پاڻ بچائجي۔ توهان کي سنڌ جي صورتحال تي جدلياتي ماديت جي تضادن واري حصي کي سادن لفظن ۾ بيان ڪري سمجهايان۔ ڪنهن قوم جي اندر ننڍا وڏا گهڻا تضاد هوندا آهن فرد جو فرد يا فردن سان ٽڪراءُ گروهن جو گروهن سان، محڪوم طبقي جو بالا دست طبقي سان، هڪڙي نسلي اڪائي جو اڪثريتي قوم سان جيئن ڏکڻ آفريڪا ۾ گوري اقليت جو ڪاري اڪثريت سان هو، غلام بڻايل قوم جو قابض سامراجي قوم ۽ انهن جي جوڙيوالن سان۔ انهن ۾ هڪڙو تضاد يا ٽڪراءُ بنيادي هوندو آهي باقي ثانوي يا ذيلي هوندا آهن۔ تاريخ ۾ بنيادي ۽ ذيلي تضاد پاڻ ۾ مٽ سٽ ڪندا رهندا آهن مثال اسان جي اڳيان بنگلاديش جو آهي 1971 کان پوءِ اتي هاڻي قومي تضاد نه رهيو آهي ٻين تضادن اچي جاءِ والاري آهي۔ جيسين تائين بنيادي تضاد حل نه ٿيندو تيسين تائين ذيلي تضاد حل نه ٿي سگهندا۔ تضاد دوستاڻا يا غير دشمن به هوندا آهن ۽ تضاد شديد دشمني وارا به هوندا آهن، توهان ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي تاريخي سماجي قومي پس منظر ۽ حقيقتن آڌار حل ڪندئو ته نتيجا درست ملندا نه ته هميشه نقاصانڪار واقعا جنم وٺندا تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي۔ سنڌ جو بنيادي تضاد پنجابي سامراج سان هاڻي قومي آهي، جيسين تائين اهو حل نه ٿيندو تيسين تائين ثانوي تضاد جسم ۾ لڳل ڪنڊي وانگر بار چڀندا ۽ ڏوکيندا رهندا۔ اڃان به مثال ڏيئي واضح ڪريان ته بنيادي قومي تضاد يا ٽڪراءُ کي اڳيان لڳل ريل جي انجڻ سمجهو باقي سڀني تضادن کي اُن جي پويان لڳل بوگيون سمجهو جيسين تائي انجڻ اڳتي نه هلندي ايسين تائين پويان لڳل بوگيون به نه هلنديون۔ اڃان به تاريخي مثال ڏيان ته صدين تائين گورن ۽ ڪارن ۾ شديد ٽڪراءُ رهيو لکين ڪارا مارجي ويا گوري اقليت ڏکڻ آفريڪا کي ڪارن لاءِ جهنم بڻائي ڇڏيو جتي کين انسان به نٿي سمجهيو ويو، اهڙي نسلي ٽڪراءُ کي آزادي جي مضبوط ۽ ڪامياب تحرڪ وڏي عقلمندي سان حل ڪري ڇڏيو اڄ اتي ٻئي ڌريون کير کنڊ آهن اڄ ٻنهي گڏجي ڏکڻ آفريڪا کي يورپ جي مقابلي۾ ترقي يافتا جوڙي ڇڏيو آهي۔ سو دوستو سنڌ ۾ نسلي تضاد جو حل به مضبوط منظم ڪاميابي ڏانهن وڌندڙ سنڌو ديش جي آزادي جي تحريڪ ۾ آهي پهرين قومي تضاد جي حل يا آزادي لاءِ جاکوڙ ڪريو، باقي نسلي ٽڪرائن کي ڏکڻ آفريڪا جي رول ماڊل جي حساب سان حل ڪري سگهنداسين۔ خبردار دشمن جي ڪوڙڪي ۾ نه ڦاسجو، نه ته سنڌ صديون ماتم ڪندي۔ (حسين بخش ٿيٻو)
Posted on: Fri, 13 Sep 2013 03:14:05 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015