قومي ڪارڪنن لاءِ :::::: (1)انقلاب جي - TopicsExpress



          

قومي ڪارڪنن لاءِ :::::: (1)انقلاب جي ابتدا: ڪڏهن حالتون، معاملا۽ مئسلا اهڙو رخ اختيار ڪنديون آهن ۽ ايترا پيچيده ٿي ويندا آهن جو انهن حالتن جي تبديلي ۽ مئسلن جي حل لاءِ وڙهڻ انتهائي لازمي ٿي ويندو آهي.جيڪي معاملا اڳ حل ٿيڻ سولا ۽ آسان ،ننڍا ۽ حل ٿيڻ جوڳا هئا وقت گذرڻ سان اهي پيچيده ۽ مشڪل بنجي ويندا آهن.انهن تضادن کي هر حال ۾ حل ڪرڻ لازمي بنجي ويندو آهي ڇو ته ان تي سموري قوم جي وجود جي بقا جو دارو مدار هوندو آهي. (1) مقصد: جدوجهد جي مقصدن بابت تفصيلي ڄاڻ جو هجڻ لازمي هوندو آهي. مقصد اهڙا هوند اآهن جن لاءِ فرد پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن. انهن مقصدن جو واضع ۽چٽوهجڻ لازمي هوندو آهي. ان لاءِاوهان سوچي سمجهي ۽ درست فيصلوڪيو. اها ڳاله ياد رکوته مقصد جدوجهد جو مرڪز ۽اهم بنياد هونداآهن. انهن جي بنياد تي قوم کي سرگرم ۽ متحرڪ ڪري سگهبو.جيترا مقصد اهم،واضع ۽ چٽا هوندا آهن انهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپ، جوش۽ جذبو به اوترو ئي شدت وارو هوندو آهي. (2) حمايت: هڪ ڳالهه ياد رکو ته اگر اسان۽اسان جا چندساٿي اگر غلامي جي نظام خلاف بغاوت به ڪيون ته ان سان ڪجهه ٿيڻون نه آهي.ان ڳالهه تي غور۽ويچار ڪرڻ لازمي آهي.هي قدم جدوجهد کي وسيع ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم هوندو آهي.ڇوته ان تي ئي اسانجي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار آهي.سڀ کان اول عوام اڳيان مقصدن کي واضع ڪر بيان ڪيون،ته جيئن عوام انهن جي اهميت کي سمجهي ۽انهن مطلق غور ويچارڪري. ان سان همدردي۽ حمائت پيدا ٿيندي.عوام انهن مقصدن کي پنهنجا مقصد سمجهندو،انهن جي حاصل ڪرڻ لاءِعملي طور اسان سان جدوجهد ۾ شامل ٿيندو.عوام ۾ پرچار ڪيو،انهن کي زباني طور ٻڌايو،پمفليٽ ورهايو، ڪارنر گڏجاڻيون ڪيو، عوام سان رابطا تيز ڪيو.جدوجهد لاءِ صرف سهڪار ۽حمائت پيدا ڪرڻ،عوام سان ملڻ ۽ عمل لاءِ رڳو سوچڻ اهم نه آهي.بنيادي ڳالهه اها اهي ته عوام جدوجهد لاءِ عملي بنيادن تي متحد ٿئي۽ تنظيم جي اصولن پاليسين، جدوجهد جي طريقي ڪار سان به متفق ٿين. جدوجهد جي هر رخ جي ڄاڻ حاصل ڪيو، مختلف مرحلن تي غور ويچار ڪيو ۽ ٻين کي به انهن بابت ڄاڻ ڏيو. ان ڳالهه تي غور ۽ ويچار ڪيو ته هي ويڙهه وڙهڻ اسان لاءِ ڇولازمي آهي؟ ان لاءِ اسان کي ڪهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ اسان هي جنگ ڪيئن کٽي سگهون ٿا؟ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت وڌايو.جدوجهد جي لاءِ بهتر طريقن ۽ وسيلن جي چونڊ ڪيو. تبديل ٿيندڙ حالتن سان گڏ پنهنجي ڪم جي طريقي۽ مهارتن کي به بهتر بڻايو.هر قسم جي تدبييرن ۽ حڪمت عملين کي تخليقي انداز ۾ اپنايو. غلطين کي بار بار نه دهرايو ان سان ڪم ۾ رڪاوٽون پيدا ٿينديون. عوام ۾ سامراج خلاف ڪاوڙ ۽ نفرت پيدا ڪيو ته جيئن ماڻهن ۾ قابض قوتن خلاف اسهپ جو مادو پيدا ٿئي. جيڪڏهن قوم ۾ غصو ۽ ڪاوڙ جنم وٺي ته ان کي منظم روپ ڏيئي طاقت ۽ سگهه ۾ تبديل ڪيو،جو اها طاقت ۽ سگهه سموري قوم جوگڏيل ارادو بنجي وڃي. (4)تنظيم: مقصدن جي حاصلات لاءِ اهم ڪم جدوجهد ۾ عملي ڪردار ادا ڪندڙ فردن کي منظم ڪرڻ هوندو آهي.جڏهن هم خيال ذهنن کي منظم صورت ملندي ته ان سان منظم تنظيم جڙندي.تنظيم ارادن ۽ جرتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪندي آهي. انهن ماڻهن ۾ سهڻي ترتيب ۽ نظم و ضبط پيدا ڪندي آهي،تنظيم سازي، سياسي ڪم، عوامي رابطن جي مهارت ۽ ڏانءُ پيدا ڪندي آهي.. ترتيب،مهارت۽ ڏانءُ پيدا ٿيڻ سان ڪم ۾ ربط پيدا ٿيندو اهي. (5)عمل: جدوجهد جو هي انتهائي اهم حصوآهي. ان کان سواءِ جدوجهد ماٺي ٿي ويندي يا ختم ٿي ويندي آهي. ان لاءِ سڀ کان اولين ڪم عمل کان اڳ ۾ منصوبابندي ڪرڻ اهي. صحيح رستي جي چونڊ، درست حڪمت عملي موزون طريقي ڪار(Tactic) جدوجهد جي ڪاميابي جي لاءِ اهم هوندا آهن. جدوجهد۾ عوام کي متحرڪ ۽ سرگرم ڪرڻ لاءِ تنظيم سان لاڳاپيل هرفرد کي قوم کي آماده ڪرڻ ۽ جذبو جاڳائڻ لاءِڏينهن ۽ رات سخت محنت ڪرڻ گهرجي. هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سامراجي قوتون قومن جي آزادي جي جدجهد مان ڪنهن به صورت ۾ خوش ناهن هونديون، ان ڪري سفاڪ سامراجي ڏاڍ، جبر ۽ تشدد جي ذريئي اسانجي جدوهد کي ختم ڪرڻ ۽ ڪچلڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنديون. ان لاءِ اهڙين حالتن ۾ نااميد ۽ پريشان ٿيڻ نه گهرجي. هر صورت ۾ هر مشڪلات ۽ مصيبت واري حالت ۾ به ثابت قدم رهڻون آهي. ايترو ياد رکڻ گهرجي ته دنيا۾ مظلوم ۽ محڪوم، هيڻين ۽ ڪمزور قومن به قربانيون ڏيئي دنيا جي طاقتور دشمنن ۽ سامراجين کي عبرتناڪ شڪستون ڏنيون آهن. پنهنجي جدوجهد کي قوم ۾ مقبول بڻايو ڇو ته جدوجهد جيتري مقبول ۽ عوامي هوندي سامراج ، انکي ختم نه ڪري سگهندو، انکي چيڀاٽي نه سگهندو،ان کي شڪست ڏيئي نه سگهندو. مديحا هاشمي by my brother
Posted on: Tue, 01 Oct 2013 08:19:07 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015