ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيز ۾ - TopicsExpress



          

ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽيز ۾ داخلا جا خواهشمند هي ضرور پڙهن . ++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++ ************************************************ تازو سڄي ملڪ ۾ انٽرميڊيٽ جي رزلٽ ظاهر ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي پاس ٿيل شاگرد اينٽري ٽيسٽ ڏيڻ جي تيارين ۾ مصروف آهن. اينٽري ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيڻ وارن مان ب ”سڀ“ کي داخلا نصيب نٿي ٿئي . انڪري جو اسان وٽ تعليمي ادارن ( سرڪاري توڙي نجي ) ۾ سيٽون گھٽ آهن ۽ امتحان پاس ڪرڻ وارا گھڻا آهن، جڏهن ت داخلا لاءِ وري ڪوٽا سسٽم پڻ آهي . ++++++++++++++++ اينٽري ٽيسٽ وغيره ۾ پاس ٿيڻ باوجود ، داخلا کان رهجي ويل شاگرد ، سيلف فنانس جي ذريعي ڪجھ سيٽن تي داخلا حاصل ڪن ٿا پر جيئن ت اهي ب ڪافي مهانگيون هئڻ ڪري صرف مالدار مائٽن جا ٻار ئي حاصل ڪن ٿا. ++++++++++++ جنهن کان بعد ۾ شاگرد مجبورن بئي پاسي ڏسڻ لڳن ٿا __________________________________________________ ******************************************** STUDY ABROAD MBBS / ENGINEERING in CHINA ++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++ پاڪستان کان ٻاهر غير ملڪن مان ”چائنا (چين) “ هڪ اهڙو ملڪ آهي جتي پڙهائي انٽر نيشنل معيار جي هئڻ جي باوجود ڪيترن ئي پاڪستانين لاءِ سستي آهي. خاص طور تي ميڊيڪل جي تعليم ت پاڪستان ۾ سليف فنانس سڪيم تحت داخلا حاصل ڪرڻ کان ب سستي آهي . _______________________________________________________ ************************************************ شاگرد ۽ انهن جي والدين جي ، پروفيشنل تعليم وارن ادارن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ جي ”ضرورت“ کي نطر ۾ رکندي ايڊيوڪيشن ڪنسلٽنٽسي جا ڪئي ڪاروباري مرڪز کلي ويا آهن. جيڪي پنهنجي مشهوري اخبارن ۽ پبلسٽي جي ٻين ذريعن سان ڪري رهيا آهن . اڄ ڪلھ اخبارون اهڙن ڪاروباري مرڪزن جي دل موهيندڙ اشتهارن سان ڀريون پيون آهن. جن ۾ شاگردن ۽ انهن جي والدين کي ڄاڻ ڏني پئي وڃي ت چائنا (چين) جي ڪهڙي يونيورسٽي سٺي ۽ سستي آهي . ______________________________________ ********************************** تمام گھڻي افسوس سان اهو ٻڌائڻو ٿو پوي ت ++++++++++++++ اسانجي ملڪ ۾ هر ڪاروبار وانگر ، هن ڌنڌي ۾ به چند ايماندارڪمپنين جي آڙ ۾ هڪ فوج ” بي ايمان “ ڪمپنين جي پڻ ميدان ۾ لٿل آهي اهڙيون بي ايمان ، ٺڳ ڪمپنيون انهن يونيورسٽين ، (جن سان هو ڪاروبار ڪن ٿيون) انهن جي باري ۾ انتهائي مبالغه آرائي (ڪوڙ)کان ڪم وٺندي غلط معلومات فراهم ڪن ٿيون ۽ گڏوگڏ پاڪستان ۾ ويزا في + ڪنسلٽيشن چارجز+سروس چارجز وغيره جي مد ۾ هڪ لک رپيه يا ان کان ب وڌيڪ رقم وصول ڪن ٿا ، ان کان سواءِ جيڪا في ٻڌائين ٿا، اها پاڪستاني روپيه ۾ گھٽ ٻڌائي معمولي انداز ۾ اهو ٻڌائين ٿا ت، في اتي جي ڪرنسي ۾ ادا ڪرڻي پوندي ان ڪري ناڻي جي مٽا سٽا ۾ ”ڪجھ فرق“ اچي سگھي ٿو . جڏهن ت ”اهو ڪجھ“ فرق ”گھڻو ڪجھ“ فرق ٿئي ٿو ، نتيجي ۾ شاگرد کي ان کان وڌيڪ في يونيورسٽي ۾ادا ڪرڻي پوي ٿي ۽ پوءِ جيڪڏهن شاگرد وٽ مناسب رقم پاڻ سان نه آهي ، ت هو پريشان ٿي پنهنجي گھر وارن کي پريشان ڪري ٿو. ++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++++ __________________________________________________ ******************************************** ان سلسلي ۾ شاگردن کي مشورو ڏجي ٿو ت ******************************* 1..جنهن ب ڪمپني ( ڪنسلٽنٽ ) سان له وچڙ ۾ اچو ان جي باري ۾ پوري تحقيق ڪريو ، 2.. گوگل يا ڪنهن ب ٻي سرچ انجن تي ان يونيورسٽي جي آفيشيل ويب سائيٽ چيڪ ڪريو . .... اتي توهان کي يونيورسٽي جي آفيشل ويب سائيٽ کانسواءِ ،دنيا ۾ ان يونيورسٽي جي مختلف ايجنٽن جون ڪاروباري ويب سائيٽون پڻ ڏسڻ ۾ اينديون،جن ۾ جيڪاڪجھ معلومات ملي ان کي هڪ ٻئي سان ڪمپيئر ڪريو. 3.. وڪيپيڊيا تي پڻ ساڳي يونيورسٽي جي باري ۾ معلومات چيڪ ڪريو. وڪيپيڊيا تي اجاين ڪنسلٽنٽس جي معلومات نه هوندي انهن ويب سائيٽس ۾ توهان کي يونيورسٽي جي داخلا، ٽيوشن في ، هاسٽل في ، انشورنس، ميڊيڪل، ريزيڊنس پرمٽ ،۽ بي ڪا ب في جيڪا هوندي ان جي باري ۾ معلومات ملندي . 4.. يونيورسٽي جي لاءِ ڪا ب في ايجنٽ کي ادا ڪرڻ بدران يونيورسٽي جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ، بئنڪ ٽرانسفر ڪريو . 5.. بهتر ت اهو ٿيندو ، جو خود يونيورسٽي پهچي اتي هر معاملو جانچي جونچي پوءِ رقم ادا ڪريو . 6.. ها جيڪڏهن ڪا يونيورسٽي في جو ڪجه حصو ايڊوانس گھري ٿي ت ياد رکو اها رقم يونيورسٽي ، ويزا ليٽر اشو ڪرائڻ کان اڳ ڪجھ رقم جمع ڪرائڻ جو شرط رکندي ، اهو گھڻو ڪري امريڪا يا يورپ وغيره جي ملڪن ۾ ٿئي ٿو ، چائنا ۾ بلڪل ن ، بلڪه پاڪستاني شاگردن جي لاءِ صفا نه . 7..چائنا جي يونيورسٽي شروع ۾ شاگرد کان وڌ۾ وڌ ايڊميشن وغيره جي لاءِ 100 کان 185 امريڪن ڊالر تائين جي رقم ڊيمانڊ ڪندي ،( مختلف يونيورسٽيز جا مختلف چاجز آهن) 8.. اها رقم شاگرد چاهي ت يونيورسٽي کي سندس لوڪل ايجنٽ جي ذريعي به ادا ڪري سگھي ٿو. ( اها رقم لوڪل ايجنٽ کي ادا ڪرڻ بهتر رهندو ، انڪري جو بئنڪ ٽرانسفر تي ڪافي پريشاني ب ٿيندي ۽ بئنڪ چارجز ب مهانگي پوندي) 9.. يونيورسٽي في جي صورت ۾ لوڪل ايجنٽ کي ڪجھ ب ن وٺڻ گهرجي ، 10..ها جي لوڪل ايجنٽ جي ڪا ڪنسلٽنسي في آهي ، ت اها في شاگرد کي هتي پاڪستان ۾ ادا ڪرڻ لازم آهي (ڪنسلٽنسي في 200 کان 300 امريڪن ڊالر جي اندر هئڻ گھرجي ، تڏهن ب اهو پيشگي طي ڪرڻ بهتر رهندو . ______________________________________________ **************************************** هي سڀ عوام الناس جي ڀلائي جي لاءِ لکيو ويو آهي هن مان اهو مقصد بالڪل ن وٺجي ت ڪو سڀ ڪنسلٽنٽس چور آهن ، پر ڇا ڪجي ، چند ڪنيون مڇيون سڄي ڍنڍ ( تلاء )کي بدبوءدار ڪري ڇڏين ٿيون . _____________________________________________________ *********************************************** وڌيڪ ”مفت “معلومات لاءِ GOOD LUCK ENTERPRISE,- تي اوهان مڪمل اعتبار ڪري سگھو ٿا. رابطه لاءِ موبائل نمبر 03133115908 صبح جو 11 کان شام جو 5 بجه تائين آفيس نمبر 6 ، گرائونڊ فلور، ”فراز سينٽر نمبر 2 “ واڌو واھ روڊ ، قاسم آباد، حيدر آباد ، سنڌ ، پاڪستان 0092222650776 e-mail : gle.eduabroad@yahoo مهرباني ڪري SMS نه ڪندا ، انڪري جو SMS جو جواب ڏيڻ منهنجي لاءِ مشڪل ٿئي ٿو
Posted on: Sat, 21 Sep 2013 11:42:41 +0000

Recently Viewed Topics




© 2015