پ پ ۾ سنڌ جي عورتن جو ڪردار رضيه - TopicsExpress



          

پ پ ۾ سنڌ جي عورتن جو ڪردار رضيه ڪامران ميمڻ پ پ جو باني قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پ پ جو وجود رکيو ڄڻ عوام جي حقن ۽ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪو قدم شروع ٿيو. قائد عوام جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ پ پ نه صرف ملڪ ۾ پر دنيا ۾ مقبول پارٽي ٿي اڀري ۽ هن وقت تائين نالو روشن آهي. قائد عوام کانپوءِ سنڌ ڌرتيءَ جي غيرتمند ۽ بهادر عورتن جي سرواڻ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو قائد عوام جي شهادت کانپوءِ پارٽي ۽ عوام جي نمائندگي ڪري سياست جو اهڙو ته ڪردار ادا ڪيو جو هن وقت تائين دنيا ۾ عورتن جي عزت ۽ شان ۾ اضافو ٿي ويو ته جيڪڏهن عورت آهي ته اها آهي بينظير ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو هڪ شاندار بهادر، دلير، غيرتمند ۽ سنڌ ڌرتي جي سچي نياڻي هئي جنهن لڄ لوئي سان عالمي ليول تي به سنڌ جي هزرن سالن جي تهذيب ۽ ڪلچر کي اجاگر ڪيو، اها هئي بينظير ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو سنڌ ڌرتي سميت دنيا جي مختلف ملڪن جا دورا ۽ تقريبن ۾ شريڪ ٿي پر هميشه هن جي خوبصورتي مٿي تي رئو ۽ اوڍيل اجرڪ رهيو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت سان هر ان عورت جو به نقصان ٿيو جيڪا شعوري طور تي ڄاڻ رکندي هئي پر سنڌ جي عورتن جو وڌيڪ نقصان ٿيو. بهرحال محترمه بينظير ڀٽو جي عالمي شهريت ۽ سياسي ڪردار جي ڪري سنڌ جي اندر ڪافي تبديلي آئي ۽ هر گهر ۾ عورت جو ڀرم عزت ۾ به اضافو ٿيو، ڇو ته مردن جي دنيا ۾ اڪثريت عورتن کي ڪمزور، مجبور، لاچار ۽ بيوس ڪيو ويندو آهي ۽ عورت تڪليفن جي باوجود به سنڌ جي هزارين سالن جي روايت کي برقرار رکڻ لاءِ عورت جدوجهد ڪري ٿي. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ جون عورتون سنڌ جي هزارين سالن جي تهذيب ۽ ڪلچر جيان خوبصورت ڪردار جاري رکيو اچن ٿيون. حالانڪه سنڌ جي ٻهراڙين وارين عورتن کي گهڻو حقن کان محروم رکيو ويو آهي، خاص ڪري ڪارو ڪاري جي آڙ ۾ ڪيترين ئي عورتن کي قتل ڪري بغير پاڻي جي تڙ ڪرائڻ جي دفن ڪيو ويندو آهي. وڏن شهرن ۾ تيزاب هاري عورتن جي چهرن کي خراب ڪري معاشري ۾ بدنام ڪيو وڃي ٿو، محلن ۽ مالدارن لاءِ عورتون ڄڻ ته مردن جي خوراڪ بڻيل هجن پر جيڪا عورت غيرتمند، بهادر ۽ سچي پيءُ ماءُ جي اولاد آهي اها ان بي غيرت مرد کي اهڙو جواب ڏئي ڇڏيندي آهي جو اهو مرد جيڪڏهن عزت وارو ۽ ڀيڻ ماءُ وارو هوندو ته وري عورتن جي خلاف غلط سوچ نه رکندو باقي جيڪڏهن بي غيرت مرد هوندو ته ان جو ڪم شيطاني وارو هوندو ۽ اهو نه خاندان جي لڄ رکندو نه مٽ ۽ مائٽن يا پاڙي جو خيال ڪندو. بهرحال سنڌ جا مرد ۽ عورتون جيڪي سنڌ ڌرتي جا حقيقي پٽ ۽ ڏيئرون آهن اهي سنڌ جي لڄ ۽ لوئي کي ڪڏهن به داغ نه هڻندا باقي دنيا براين سان ڀريل آهي ان ڪري اسان جو ڪم آهي ته سنڌ جي لڄ کي ايندڙ دور لاءِ هميشه رنده رکڻو آهي. هن وقت اسان جي سنڌ ۾ عورتن سان جيڪي ظلم ۽ زيادتيون ٿين ٿيون انهن ۾ وڏو هٿ سنڌ پوليس جو آهي، پوليس عورتن لاءِ ڄڻ مانگر مڇ آهي. سنڌ جي عورتن کي نه اسلامي حق ڏنا وڃن ٿا ۽ نه ئي قانوني حق ملن ٿا، تعليم جي ادارن، صحت جي ادارن يا ڪنهن به سرڪاري غير سرڪاري ادارن ۾ جيڪڏهن ڪا عورت ڊيوٽي ڪندي ته ان لاءِ مردن ۾ ئي ساڙ هوندو، جيڪڏهن عورت مرد سان ٿورو به کلي ڳالهائيندي ته اهي بدنيت مرد ان ڳالهه کي غلط رنگ ڏين يا ڏيندا آهن پر ضروري نه آهي ته مرد لاءِ هر عورت جو بدڪردار هجي ۽ ائين به نه آهي هر مرد بدنيت آهي پر اڪثريت ضرورت آهي ته مرد ۽ عورتون بدنيت وارو خيال هوندو آهي پر جيڪا سنڌ جي عورت آهي سنڌ ڌرتي سان پيار رکي ٿي اها ڪڏهن به بدنام نه ڪندي پر غلط رسمن جي ڪري سنڌ جي عورتن کي بدنام ڪيو وڃي ٿو. هن وقت به سنڌ جون عورتون شاندار عورتون بهادري سان ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن وقت پ پ جون عورتون پارٽي لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ اهي اڪثريت ڳوٺاڻي عورتن جو تعداد گهڻو آهي. شازيه عطا مري جيڪا سنڌ جي ڳوٺاڻي علائقي سانگهڙ سان تعلق رکي ٿي. هوءَ به بهادر عورت آهي، سنڌ ۾ وڏو ڪردار آهي. هن وقت شازيه مري ايم اين اي آهي ان کان علاوه صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ محترمه فريال ٽالپر به جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي تڪ تان چونڊيل آهي ۽ هن وقت ضلعي لاڙڪاڻي واري تڪ جي عوام سان رابطا ۽ عورتن سان گڏ مردن جي به مدد ڪري خدمت وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فريال ٽالپر هن وقت عورتن جي نمائندگي ڪري رهي آهي ان کان علاوه اڳوڻي صلاحڪار انفارميشن شرميل فاروقي آهي جيڪا پ پ جي پليٽ فارم تان سياسي ۽ سماجي خدمتون ڪري رهي آهي ان کان علاوه ڪلچرل کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو جيڪا هميشه سنڌ جي لڄ لوئي ۽ اجرڪ پائي سنڌ جي ماڻهن لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪري رهي آهي. عورتن جي ڀلائي واري وزير توقير فاطمه ڀٽو ۽ عورتن جي لاءِ وس آهر ڪم ڪري رهي آهي، ان کان علاوه ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جيڪا سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائي هلائي نه صرف سنڌ پر ملڪ جي هر اسيمبليءَ ۾ وڏو ڪردار نظر اچي ٿو. اهڙي طرح قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا اسلام آباد ۽ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس هلائي ٿي ۽ اها سنڌ جي تهذيب ۽ ڪلچر جي به خدمت ڪري رهي آهي. ان کان علاوه پ پ جون هن وقت به ايم پي ايز ۾ راءِ ناز بوزدار، ميرا علواڻي، ڪلثوم چانڊيو، عائشه کوسو، شميم آرا، شمع مٺياڻي سميت تمام عورتون پ پ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌي عورتن لاءِ ٿورو گهڻو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. مان جڏهن هڪ نوجوان صحافي ۽ ليکڪ اوشاق ميراڻي سان لاڙڪاڻي جي حوالي سان عورتن جي ڪم ڪار جي بابت ٻڌايو ته مان ڪافي معلومات ورتي ۽ اوشاق ميراڻي گهڻو گائيڊ پڻ ڪيو ۽ اهڙي طرح منهنجي لکڻ جو مقصد پ پ سان گڏ سنڌ جي عورتن بابت لکڻو هو ته سنڌ جي بهادر عورت آهي دنيا جا ڪيترائي به ملڪ گهمي ڏسندا پر سنڌ جون عورتون هڪ وڏو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ نظر ايندو آهن، اهي مائي ڪلاچي هجي يا بختاور پر سنڌ جون عورتون خوشحال ۽ شاندار تهذيبي ۽ ڪلچرلي ڪردار جون راڻيون آهن، جيترو به سنڌ جي عورتن تي لکجي گهٽ آهي پر پ پ جون عورتون اڃا ڪردار ادا ڪري عورتن جي حقن لاءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ڪردار ادا ڪنديون رهن ڀلي دور ڪهڙو به هجي [email protected] Razia kamran ka Article PPP Me sindh ki Aurton ka siyasi kirdar jis me Mohtarma shaheed Benazir Bhutto, Addi Faryal Talpur, shazia Marree, sharmila Farooqi, Shela Raza, Fehmida Mirza tak siyasi kirdar biyan kiya gaya. Jo ke shaya howa 5-10-12 se 9-10-12. Tak sindh ke tamam sindhi Akhbarat me maqboliyat ikhtiyar kargaya, Daily Laat, Daily Qismat, Daily Sukaar,Daily Pak, Daily Nijat, Daily jaago, daily Ibrat, Feedback,or e-mail, Raziakamran126@[email protected] Razia kamran ka Article PPP Me sindh ki Aurton ka siyasi kirdar jis me Mohtarma shaheed Benazir Bhutto, Addi Faryal Talpur, shazia Marree, sharmila Farooqi, Shela Raza, Fehmida Mirza tak siyasi kirdar biyan kiya gaya. Jo ke shaya howa 5-10-12 se 9-10-12. Tak sindh ke tamam sindhi Akhbarat me maqboliyat ikhtiyar kargaya, Daily Laat, Daily Qismat, Daily Sukaar,Daily Pak, Daily Nijat, Daily jaago, daily Ibrat, Feedback,or e-mail, Raziakamran126@[email protected] Razia kamran ka Article PPP Me sindh ki Aurton ka siyasi kirdar jis me Mohtarma shaheed Benazir Bhutto, Addi Faryal Talpur, shazia Marree, sharmila Farooqi, Shela Raza, Fehmida Mirza tak siyasi kirdar biyan kiya gaya. Jo ke shaya howa 5-10-12 se 9-10-12. Tak sindh ke tamam sindhi Akhbarat me maqboliyat ikhtiyar kargaya, Daily Laat, Daily Qismat, Daily Sukaar,Daily Pak, Daily Nijat, Daily jaago, daily Ibrat, Feedback,or e-mail, Raziakamran126@yahoo — with Mknews Karachi and 14 others.
Posted on: Thu, 31 Oct 2013 22:01:39 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015