A Meeting With A Sindhi in Manila منيلا ۾ هڪ سنڌيءَ - TopicsExpress



          

A Meeting With A Sindhi in Manila منيلا ۾ هڪ سنڌيءَ سان اوچتو ملاقات / هڪ ئي گهر ۾ 3 مذهب. محمد خان سيال / 28 سيپٽمبر 2013 منيلا، فلپائين ۾، مان ۽ منهنجو پيارو دوست عزيز بلوچ مرحوم فلپائين ايئر جي آفيس ڏانهن پنڌ وڃي رهيا هئاسين جو ڪنهن چيو ته اسان جي هوٽل کان سڏ پنڏ تي، فياسٽا ويجھو آهي پر اها آفيس ڪجهه پري هئي. اسان پاڻ ۾ سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندا ٿي ويا سين ته هڪ وڏي ڄمار جو شخص جيڪو پنهنجي گاڏيءَ جو درُ کلي ويهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو سو بيهي رهيو ۽ اسان کي سڏ ڏئي سنڌيءَ ۾ پڇيائين ته اسان کي ڪٿي وڃڻو آهي. فياسٽا جو ٻڌايوسونس ته چيائين ته ڪجھه پري آهي ۽ پوءِ گاڏيءَ ۾ ويهاريائين. همراهه ٻڌايو ته هو منيلا ۾ گرم مصالحن جو ڪاروبار ڪري ٿو. پنهنجا فون نمبر ڏنائين جيڪي عزيز بلوچ لکيا پر دستور موجب هن سنڀالي ڪونه رکيا. ان همراهه بڌايو ته هو پنهنجي ماءَ سان گڌ منيلا ۾ رهي ٿو. پاڻ هندو آهي، سندس زال مصر جي مسلمان عربياڻي آهي جڏهن ته سندس اولاد جيڪو لنڊن م پڙهي ٿو، سو عيسائي آهي. بهرحال، هڪ ئي گھر ۾ ٽي مذهب پهريون ڀيرو ٻڌم. ..........................
Posted on: Sat, 28 Sep 2013 05:36:06 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015