دادو گرلز اسڪول ۾ آفيسر جي ڌيءُ جي - TopicsExpress



          

دادو گرلز اسڪول ۾ آفيسر جي ڌيءُ جي شادي، شاگردياڻين کي گهر موڪليو ويو تعليم کاتي دادو جي آر ايس يو آفيسر محمد ايوب لاشاري جي ڌي جي شادي جي تقريب ٿيڻ ڪري ڪي جي هاءِ اسڪول جي 1000 کان وڌيڪ شاگردياڻين کي موڪل ڏني وئي آهي، شڪايت تي صحافين جي ٽيم ڪي جي هاءِ اسڪول پهتي ته آر ايس يو ملازم قربان ڀٽو ۽ هاءِ اسڪول جي ايف اي عابده پروين سومرو صحافين مٿان ڏمرجي پيا ۽ چيو ته هي شادي اسان جي پنهنجي آهي مرضي جا مالڪ آهيون اسڪول ۾ شادي ڪرڻ ڪو گناهه نه آهي، توهان هتان هليان وڃو، شاگردياڻين صحافين جي آڏو شڪايت ڪئي ته اسڪول انتظاميه پاران کين اڳواٽ ڪنهن به قسم جو اطلاع نه ڏنو ويو هو ۽ جيئن ئي هو اسڪول پهتيون ته شاميانا لڳل هئا ۽ غير واسطيدار ماڻهو بيٺل هئا جن کين موڪل هئڻ جو چئي واپس ڪيو
Posted on: Sun, 03 Nov 2013 03:30:59 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015