Every one talks that THAR TRAGEDY is the outcome of bad - TopicsExpress



          

Every one talks that THAR TRAGEDY is the outcome of bad governance- Thats why Thar is facing drought-Famine like situation-Cases of undernourishment and Food insecurity-But I think the real problem is defaulted DEVELOPMENT PARADIGM of our security state, to which so-called STRATEGIC DEPTH has priority over its PEOPLE- They say in 1971 that they want land not Bengalis- Today they say they want minerals and strategic route of Balochistan not people- They say they want Karachi not ethnic harmony between indigenous Sindhis and immigrant minority communities-They want to continue Afghan war so that they get shower of dollars they are less worried that our beloved Pakhtoons are shedding their blood- They are scared of Siraikis- They want to kill Shias-Hindus-Christians. For them prime land of quetta-Okara-Lahore-Multan etc is important than Shia-Christian poor communities- So they manage riots to get hold of prime land. In that scenario do you thin a security risk Benazir bhuttos motherland Sindh and Hindus and untouchable dalits will be development priority of our security. So the real crisis in THARs case is not governance but the STATE-CRAFT itself. Please read my article published in Sindh Express covering these aspects of THAR and DEVELOPMENT PARADIGM of our SECURITY STATE ٿر جي هنج ۾ سڏڪندڙ سنڌ ذوالفقار هاليپوٽو ٿر جي بحران هڪ اهڙي بحث کي جنم ڏنو آهي، جنهن سنڌ سميت ٻين صوبن جي سياسي قيادت، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. بين الاقوامي ميڊيائي ادارا پڻ ٿر ۾ لٿل آهن. ٿر ۾ آيل هي بحران ڪو نئون ناهي، ٿر هر سال ڏڪار ڏسي ٿو، ٻارڙا غذائيت جي کوٽ سبب مري وڃن ٿا، ڳورهاريون عورتون ويم کان پهرين يا ويم دوران ٻارن سوڌو پنهنجي ساهه جي تند وڃائينديون آهن، ٻڍڙا آسمان مان ڪنهن غيبي امداد جي اچڻ جي آس رکيو پساهه پورا ڪندا آهن ۽ پو انسانن توڙي ڍور ڍڳن جي هڪ اهڙي لڏپلاڻ شروع ٿيندي آهي، جنهن جو محور ساهه بچائڻ هوندو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ ٿر جو ماحُولياتي بيس يعني ٿر جو پاڻي، آب ۽ هوا، جهنگلي جيوت، وڻ ٽڻ ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه سڪ مان انهي هجرت کي ڏسندو پنهنجي بربادي تي ڳوڙها ڳاڙيندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿر جو ماحولياتي بيس انسانن ۽ جانورن وانگر لڏپلاڻ نٿو ڪري سگهي. هڪڙي لڏپلاڻ رضاڪاراڻي هجي ٿي، جيڪا ٿر جا ماڻهو وسيلن جي اڻاٺ جي ڏينهن ۾ بيراجي علائقن ڏانهن ماني ڳڀي خاطر ڪندا آهن پر ٿر ۾ هر چوٿين پنجين سال هڪ اهڙي به لڏپلاڻ ٿئي ٿي جيڪا غير رضاڪاراڻي ۽ ساهه کڻڻ جي سمورن وسيلن جي بند ٿيڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿي. ٿر ۾ آيل هيلوڪي ڏڪر ۽ ٻين بحرانن جي ڪري جيڪو بحث شروع ٿيل آهي، ان ۾ گهڻُو ڪري بحران جي ور چڙهيل ماڻهن ۽ مال مويشي کي بچائڻ ۽ مري ويل انسانن توڙي چوپائي مال جي عيوضي ۽ صوبائي، وفاقي توڻي بين الاقوامي ادارن ۽ ٻاهريان حڪومتن کان آيل امداد بابت تذڪرو ٿئي ٿو. تمام گهٽ ان ڳالهه تي بحث ڪيو پيو وڃي ته ٿر جو اڄُوڪو بحران دراصل پوري ملڪ اندر ڪجهه وقت ۾ ايندڙ بحرانن جي ڀيانڪ فلم جو ٽريلر يا پهريون سين آهي. ٿر جي بحران هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان توڙي سنڌ اندر ان بحث کي گرمايو آهي ته ملڪ اندر پاڻي جي وڌندڙ خطرناڪ اڻاٺ، دريائي وهڪرن ۾ ڏينهون ڏينهن ايندڙ لاٿ، ماحولياتي تبديلي ۽ آبادي ۾ بي پناهه اضافي جي ڪري سڄو ملڪ ٿر بڻجڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي. بين الاقوامي تحقيقي ادارا توڻي اسان جا سنجيده ريسرچ ڪندڙ ادارا مٿو پٽي هر هر چئي رهيا آهن ته پاڪستان بنيادي طور هڪ زرعي ملڪ آهي، پاڪستان اندر انسانن جي جياپي جو دارومدار مقامي سطح تي پيدا ٿيندڙ اناج ۽ ٻين زرعي جنسن تي آهي، تنهن ڪري پاڪستان کي هڪ اهڙي غريب دوست، زراعت دوست ۽ انسان دوست معاشي ۽ اقتصادي حڪمت عملين ۽ منصوبابندي جي ضرورت آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سڄو ملڪ ٿر ٿيڻ کان بچي پوي. تازو گڏيل قومن جي اداري رڙيون ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اندر انساني ترقي ۽ سماجي اوسر جا ڪيترائي اشارا (اينڊيڪيٽرز) آفريقا جي ملڪن کان به هيٺ لهي ويا آهن. اها هڪ خطرناڪ صورتحال آهي. اڃا 2010ع ۽ 2011ع جي ٻوڏ جي تباهين مان سنڌ نڪتي ئي ناهي ته ٿر جي ڏڪر ۽ ٻين بحرانن اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي ته آخر سنڌ وطن جي ماڻهن ۽ وسيلن جو ڌڻي سائين ڪير ٿيندو؟ ان جي بچا جي ڊگهي مدي جي منصوبابندين ڏانهن ڌيان ڪير ڏيندو؟ هن وقت جيڪي وسيلا موجود آهن تن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ جو ذمو ڪير کڻندو؟ حڪومت جي انهي طرز جي مجرماڻي گورننس ائين ئي جاري رهندي يا انهن دوستن ۾ انهن بحرانن کي منهن ڏيڻ لا ڪڏهن ڪا سنجيدگي پيدا ٿيندي. سنڌ جي ايرڊ زون توڻي ٻين بيراجي توڻي زرعي علائقن تي تحقيق ڪندڙ دوست اوهان کي ٻڌائي سگهندا ته هن وقت خيرپور ۽ سانگهڙ جو اڇڙو ٿر، سنڌ جو ڪاڇو، ڪوهستان ۽ ايستائين جو گهوٽڪي کان ٺٽي تائين درياهه جي ٻنهي پاسن کان ڪچي ۾ جهڙوڪر ڏڪر جي صورتحال آهي. انهن علائقن ۾ به ٿر جهڙي صورتحال آهي. تنهن ڪري ٿر جو بحران انهي ڳالهه جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان جا حڪمران سڄي سنڌ لا ڪي اهڙيون پاليسيون جوڙين جو وسيلن ۾ مالا مال هي وطن ۽ ان جا ماڻهو ٻن وقتن جي ماني کائي سگهن. انهي ڪري منهنجو خيال آهي ته ٿر جي موجوده صورتحال کي خيال ۾ رکندي مستقبل ۾ پوري سنڌ کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻيندڙ بحرانن ۽ ان جي سببن تي سنجيدگي سان ويچاريو وڃي. اهو ويچار تڏهن ممڪن بڻجي سگهندو جڏهن اسان هن ملڪ ۾ لاڳو ٿيل معاشي ۽ اقتصادي ايجنڊا کي سمجهنداسين. اها ايجنڊا مڪمل طور تي غريب دشمن، سنڌ دشمن ۽ طبقاتي استحصال تي ٻڌل آهي ۽ انهي ڪري نه رڳو سنڌ ۽ ان جو مٺڙو ٿر اڄ قدرتي، انساني وسيلن ۾ مالا مال هوندي به غريب آهي پر ملڪ جا ٻيا علائقا به اوهان کي ٿر جهڙو ئي منظر پيش ڪندا. گذريل ويهن ٽيهن سالن کان ٿر بابت جيڪو ڪم سول سوسائٽي ڪري پئي ان ۾ انٽرنيشنل ڊونرز کان ويندي مقامي سطح جي ڪميونٽي تنظيمن تائين ايترو ته تحقيقي مواد موجود آهي جو رڳو ان مان ڏهه سيڪڙو لٽريچر تي عمل ٿئي ته شيون بهتر ٿي سگهن ٿيون. مثال طور ٿر جي اڄُوڪي بحران جو بنيادي سبب پاڻي جي اڻاٺ آهي. ٿر جو ڪجهه حصو ڪئنال سسٽم تي هجڻ کانسوا باقي سمورو ٿر بارشن جي پاڻي تي گذر ڪري ٿو ۽ ٿر ۾ ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کان وٺي چوپائي مال جي استعمال لا گهربل پاڻي کان ٿيندي ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لا پاڻي جي دستيابي بابت ڪيتريون ئي رپورٽون موجود آهن. خود سنڌ سرڪار توڻي وفاقي حڪومت جي ڪيترن ئي ادارن پاران اهڙي تحقيق ٿيل آهي. پو ڇا سبب آهي جو انهن تي عمل نٿو ٿئي. رين واٽر هارويسٽنگ کان وٺي ننڍي سطح تي فيملي فارمنگ تائين ٿر توڻي سنڌ جي باقي اهڙن علائقن جهڙوڪ اڇڙو ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لا، دستياب پاڻي مان ئي سڄو سال ساهه کڻڻ بابت ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن پو ڇا سبب آهي جو انهن پنن کي پڙهڻ يا ڏسڻ لا سرڪار تيار ئي نه آهي. ٿر جي ماڻهن، ماحوليات ۽ مٽي کي زرخيز بڻائڻ ۽ خوشحال رکڻ لا ٿر کي قدرت انيڪ وسيلا ڏنا آهن، ٿر جا تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ، ٿر جو خوبصورت لينڊ اسڪيپ، ٿر جي واري، ڀٽون ۽ اوچا پهاڙ- هي سڀ اهي ذريعا آهن جيڪي هڪ پروگريسو ٽوئرازم پاليسي جي نتيجي ۾ ٿر کي ايترو امير بڻائي سگهن ٿا جو ٿري ماڻهن جي غذائيت جي کوٽ ۾ مرڻ جي نوبت ئي نه اچي. پو حڪومت کي ڪهڙو ڦاهو ٿو اچي جو ٽوئرازم کي هٿي نٿي وٺرائي. منهنجو خيال آهي ته ٿر جي بحران کي ڏسڻ ۽ انهي بابت ڪا را ڏيڻ مهل موجوده معاملن کي ضرور ذهن ۾ رکيو وڃي. هڪڙو ته متاثر ماڻهن کي فوري طور تي امداد جي ضرورت آهي، ماڻهن کي ساهه کڻڻ لا گهربل بنيادي ضرورتن جي شين جي فراهمي سڀ کان وڏو چئلينج آهي. اهو معاملو فوري گهرج آهي، تنهن ڪري ڪنهن نه ڪنهن سطح تي حل ٿي سگهي ٿو پر بدقسمتي سان گذريل ڪيترن ئي بحرانن کي ذهن ۾ رکندي هر ڪامن سينس رکندڙ ماڻهو اهو بنا هٻڪ چئي سگهندو ته امدادي سامان ۾ گهوٻيون لڳنديون ۽ شفاف ورهاست جو ڪلچر پري پري تائين نظر نه ايندو. ٿر جي اڄُوڪي بحران جو سڀ کان وڏو شڪار عورت ۽ ٻار آهي، پاڻ سڀ سمجهون ٿا ته فوري امداد توڻي ڊگهي مدي جي لا جڙندڙ پاليسين توڻي منصوبابندين ۾ عورت ۽ ٻار جي حال ۽ مستقبل جو ڪو ڏس پتو نه ملندو، ڇاڪاڻ ته ساڳيو معاشي ۽ اقتصادي ڍانچو سنڌ دشمن ۽ غريب دشمن ۽ انسان دشمن هجڻ سان گڏوگڏ عورت دشمن ۽ ٻار دشمن به آهي. ماحولياتي تبديلي ۽ کاڌ خوراڪ ۾ کوٽ جا ماهر گلا ڦاڙي ڦاڙي چئي رهيا آهن ته سنڌ جي ساحلي پٽي، سنڌ جو ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان هڪ اهڙي جامع منصوبابند، اقتصادي ۽ معاشي ويزن جو گهرجائو آهي جو سنڌ جا ماڻهو هر سال ايندڙ ڪنهن به قسم جي آفت کي منهن ڏئي سگهن، پر سنڌ جا حڪمران ان رڙ ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران ڊيلي ويجز جي بنياد تي وقت ٽپايو واري پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن. هو اهو نه ڏسي رهيا آهن ته سندن غيرسنجيدگي ۽ لاپرواهي پوري سنڌ کي ٿر بڻائڻ جي سانحي ڏانهن ڌڪي رهي آهي پر هنن جو به ڏوهه ناهي جو هو جنهن پيڪيج ۾ اقتدار ۾ آيا آهن ان پيڪيج ۾ ان سنڌ دشمن ۽ غريب دشمن اقتصادي ۽ معاشي پاليسين کي هٿي وٺرائڻ آهي، جنهن سان ملڪ جي اقتداري طبقي، اسٽبلشمينٽ، بين الاقوامي مالياتي ادارن، ڪارپوريٽ سيڪٽر سميت عوام جي رت پيئندڙ سمورين ڌرين جي اتحاد کي اڃا تقويت ملي ۽ غريب ڏينهون ڏينهن پورو ٿيندو وڃي. ٿر جي بحران کي فوري امداد، وچولي مدي جي تڪڙن اپائن ۽ ڊگهي مدي جي سنجيده ويزن ۽ منصوبابندي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اهي سانحا هر سال ورجائبا ۽ اسين هر سال ماتم ڪري ماٺ ڪري ويهي رهنداسين. هاڻ ته لڳي ٿو ته اسان رڙيون ڪري ڪري، حڪومتن تي تنقيد ڪندي ۽ انهن سان وڙهندي وڙهندي اهڙن بحرانن ۽ حڪومتن جي بدترين طرز حڪمراني کي قبولڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄوڪي جديد نوآبادياتي ۽ بيٺڪي سرمائيداراڻي نظام جو اولين هٿيار اهو ئي آهي ته ماڻهن کي رڙيون ڪرائي ڪرائي ٿڪائي گهر ويهاري ڇڏيو. انهي کان اڳ جو پاڻ به سڀ رڙيون ڪري ۽ شيون تبديل ٿيندي نه ڏسي مايوس ٿي گهر ويهي رهون، اچو ته اڄوڪي سياسي اسٽيٽسڪو کي ڊاهي ان غريب دشمن ۽ سنڌ دشمن استحصالي، معاشي ۽ اقتصادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لا حقيقي عوامي سياسي عمل جو حصو ٿيون.
Posted on: Sun, 16 Mar 2014 16:33:33 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015