Excellent article by a great Scholar of Sindh Muhammad Ibrahim - TopicsExpress



          

Excellent article by a great Scholar of Sindh Muhammad Ibrahim Joyo on teachers day today. Worth reading article. استادن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منهنجا محترم استاد... محمد ابراهيم جويو منهنجا محترم استاد ڀاءُ، توکي خبر آهي ته اسان جي سنڌ وطن جا ماڻهو ڪيڏا نه مسڪين ۽ پوئتي پيل آهن! توکي انهن جي ٻچن جو استاد بنجڻ جو اعليٰ فرض سونپيل آهي. انهيءَ حيثيت سان تون انهن جي ڪيڏي نه وڏي خدمت ڪري سگهين ٿو! اسان جا ماڻهو سادا آهن ۽ آسانيءَ سان ٺَڳجي وڃن ٿا. اُنهن جا گهاوَ پراڻا ۽ ڏاڍا اونها آهن. هو ڏاڍي هڪ ننڍڙي ۽ ڪٺور دنيا ۾ رهن ٿا. ڇا، تون هنن جو ساٿي ۽ اڳواڻ نه ٿيندين؟ تون هنن جي مدد نه ڪندين، ته هو پنهنجن ٻچن جي سنڀال ڪن، اُنهن کي پڙهائي پختو ڪن، ته جيئن اها سندن پيڙهي ڪجهه وڌيڪ ڄاڻو ٿئي ۽ ڪجهه وڌيڪ سُکَ سان جِي سگهي! توکان جيڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ ڪجهه ٿي سگهيو، ته پوءِ تون مون تي اعتبار ڪر ته تو سچ پچ پنهنجو فرض پورو ڪيو. جيڪڏهن تو ائين پنهنجي فرض پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته پوءِ توکي اهو به ڏسڻو پوندو ته اڳتي هلي، ان فيصلي تي متان ڪڏهن پڇتائين ۽ افسوس ڪرين! جي توکي ان تي ڪڏهن افسوس به ٿئي ۽ ويهي پڇتائين ته نيٺ به تون استاد ڇو بڻئين، ته تنهنجو اهو اخلاقي فرض ٿيندو ته هڪ بيڪار، بي وفا ۽ بي دِليو استاد بڻيو، ان ڌنڌي سان ڇو چنبڙيو رهين، اُن کان خود تولاءِ هزارين ڀيرا بهتر ٿيندو ته عين انهيءَ گهڙي ان کي خير باد چئي، ڇڏي، هليو وڃ، ۽ ستت ئي وڃي ٻيو ڪو ڌنڌو اختيار ڪر. بهرحال جيڪڏهن ڪنهن به سبب کان، تون ائين ڪري به نٿو سگهين، ته پاڻ کي توڙي ٻين کي اجايو ڳڻتيءَ ۾ نه وجهه ۽ پريشان نه ڪر.. جو پنهنجي ڪم سان نفرت ڪندو، ان کان نٽائيندو ۽ ڇرڪندو وتين ۽ ان کي بگاڙيندو ۽ خراب ڪندو رهين، ۽ پوءِ پنهنجي چوڌاريءَ هر شيءِ تي ڪاوڙيو ۽ هر ماڻهوءَ تي آڪڙيو پيو گهمين، ڄڻ ڏوهاري سڀ ٻيا آهن ۽ تون اڪيلو بي ميار ۽ بي ڏوهو آهين. ڇو ته تنهنجي هيءَ روش ۽ هيءُ هلت جو نمونو تنهنجي مسئلن جو هر گز ڪو حل نٿو ٿي سگهي. دراصل ڪم، ڪم ۽ فقط ڪم سان ئي تنهنجو ايمان تو ۾ موٽي ايندو ۽ انسان جي نيڪيءَ ۾ ۽ پنهنجي لاڳاپي جي دنيا ۾ ۽ اُن جي ساٿ سنگ ۾ تنهنجو ڀروسو وري جاڳندو، ۽ پوءِ ئي تون پاڻ کي سمجهي سگهندين ۽ پنهنجي وٿ سڃاڻيندين ۽ خود پنهنجي عزت نفس جو به توکي پوءِ صحيح مفهوم ذهن ۾ ويهندو. جڏهن تون ٻين کي ڀائيندين ۽ ٻين جي عزت ڪندين، تڏهن ئي ٻيا توکي ڀائيندا ۽ تنهنجي عزت ڪندا. مٿيون ڳالهيون جيئن تنهنجي آڏو رکيون ويون آهن، انهن سان جيڪڏهن تون سهمت آهين، ته پوءِ تون، مهرباني ڪري، وڌيڪ هيٺين ڳالهين تي ويچار ڪر: پهرين ڳالهه ته تعليم جو واحد مقصد ۽ ڪارج هيءُ آهي ته اُن سان عام انسان کي سلامتي ۽ عافيت جو احساس، آزادي جو احساس ۽ عزت جو احساس ڏنو وڃي. ٻي ڳالهه ته اهي ئي خاص ٽي شيون آهن، جن جو غلط مفهوم ۽ خيال دنيا ۾ چوڌاريءَ هر قسم جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي خرابين ۽ مسئلن جي پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. ٽين ڳالهه ته هڪ استاد، اڀرندڙ نسل کي سلامتي ۽ عافيت جو صحيح مفهوم، آزادي جو صحيح مفهوم ۽ عزت جو صحيح مفهوم سمجهائڻ ۽ سيکارڻ شروع ڪري، ان کان پهرين خود هن جي ذهن ۾ انهن ٽنهي قدرن جو هڪ بلڪل صحيح مفهوم موجود هجڻ گهرجي. چوٿين ڳالهه ته سلامتي ۽ عافيت جو مفهوم هڪ مهذب انسان کان تقاضا ڪري ٿو ته هو فقط پنهنجي سلامتي ۽ عافيت جي خيال بدران سڀني جي سلامتي ۽ عافيت جو خيال ڪري، ۽ هڪ نيڪ انسان کان ان جي تقاضا آهي ته پنهنجي سلامتي ۽ عافيت جي نموني لاءِ هو پاڻ کان وڌيڪ هوند وارن ڏانهن ڏسڻ بدران پاڻ کان گهٽ هوند وارن پاڻ جهڙن انسان ڀائرن ڏانهن ڏسي. سلامتي ۽ عافيت جو اهڙو صحيح مفهوم ئي سنڌ ۾ هر استاد کي هن حقيقت جي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته قوم، بهرحال، خود سندس ڪافي چڱي سنڀال لهي رهي آهي. سندس پنهنجي عوام جا لڳ ڀڳ 85 في صد ماڻهو هاري، مزور ۽ عام ڪمي ڪاسبي ايتري هوند وارا نه آهن، جيتري هوند وارو هو پاڻ آهي. پنجين ڳالهه ته آزادي جي صحيح مفهوم جو بنياد زندگي جي موجود درجي يا ذميواري ۽ ان سان لازم شرطن ۽ حدن جي تسليمي ۽ شعور تي ٻڌل هوندو آهي. ان صورتحال ۾زندگي جو وڌيڪ اوچو، وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ پختو درجو سامهون رکي، ان تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش سان ئي ان ليڪي يا حد مان ٻاهر نڪرڻ جي واڌو راهه حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ ائين بهرحال پنهنجي لياقت کي وڌائڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيتري لياقت وڌندي اوتري صلاحيت وڌندي ۽ صلاحيت جي وڌڻ سان ئي اسان جي آڏو آزادي جي منظر ۾ حسناڪي ۽ افق ۾ وسعت رونما ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري فقط زيردستي انسان جي آزادي کي نه محدود ۽ نه هن کي اُن کان محروم ڪري ٿي ۽ انهيءَ ڪري اهڙي ڪنهن سبب کان ان کي عدولي نٿو سگهجي. انساني معاملن جي انتظام ۽ ترتيب ۾، جي ٻي ڪا زيردستي نه ته به قاعدن جي زيردستي هر شيءِ لاءِ ۽ هر ماڻهوءَ لاءِ اڻٽر آهي. ان خيال کان مسئلي جي بنيادي تور تڪ جي روشني ۾ خود ضابطگي ئي، زندگي جي سونپيل درجي ۽ ذميواري جي حوالي سان، ماڻهو لاءِ پنهنجي آزادي جي جائز حق جي واقفيت، حاصلات ۽ استعمال جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. ڇهين ڳالهه ته عزت جي صحيح مفهوم جي معنيٰ ئي آهي پاڻ سميت سڀني جي عزت. عزت گهربي يا وٺبي نه آهي، اها ملندي آهي ۽ اُها کٽبي آهي، عزت جو انعام، جنهن ۾ عزت نفس جو شان به شامل آهي، ٻين جي ڀلائي ۽ خدمتگذاري جي امنگ ۽ عمل آهر ئي کٽبو ۽ ماڻبو آهي. عزت جي خيال کان، جا ڳالهه خاص شمار ۾ اچي ٿي، سا هي آهي ته پرپٺ ماڻهو ڪيئن ڳائجي ٿو ۽ ڪيترو هن جو قدر ٿو ٿئي. خوشامد يا چاپلوسي، ٿئي يا ڪجي، عزت جو ماڻ نٿي ٿي سگهي. غلامانه نياز منديون ۽ قدمبوسيون ڪجن يا ٿين، عزت جو ماڻ نٿيون ٿي سگهن. جيڪو ماڻهو عزت نفس جو صاحب آهي اُهو نه ڊڄندو، نه چاپلوسي ڪندو، ۽ نه ئي وري چاهيندو يا خوش ٿيندو ته ڪو کانئس ڊڄي يا سندس چاپلوسي ڪري. ماڻهوءَ جو ڪم ئي هن لاءِ عزت جو نشان ۽ سند آهي. انهيءَ ڪري عزت نفس وارو ماڻهو هميشه ائين چاهيندو ته هو ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪري ۽ هن سان پڻ سندس ڪم پٽاندر ئي ورتاءُ ڪيو وڃي. مٿين سڀني ڳالهين جو تت هيئن ٿي سگهي ٿو ته هڪ استاد کي، جيڪڏهن هو استاد چوائڻ لائق آهي، هنن سڀني ڳالهين کان بچڻو آهي. يعني حرص کان، غير ذميداريءَ کان ۽ ڪم جي نٽ نٽاءَ کان، استاد جي حيثيت ۾ پنهنجي خود اظهاريت جي اهڙي مسلسل ۽ اعليٰ جهاد ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ٽن منزلن واري هڪ ئي راهه آهي، جنهن کي سڃاڻڻو ۽ سمجهڻو آهي ۽ جنهن سان هلڻو آهي: خود تنقيد جي راهه، جيڪا خودشناسيءَ ڏانهن وڃي ٿي، جنهن سان خود اصلاح جي نئين ۽ نت نئين منزل روشن ٿئي ٿي. عزيز ڀاءُ! تون اها راهه وٺ، انهيءَ راهه سان، استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي زندگيءَ ۽ تنهنجي ڪم جي ڪاميابيءَ لاءِ ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي توکي گهرج ڪانه رهندي. هاڻي ٻه اکر، استاد طور تنهنجي ڪم بابت، تون جڏهن پنهنجي اسڪول ۾ ڊيوٽيءَ تي چڙهندين، تڏهن تون ڏسندين ته ٻار ڪلاس روم ۾ تنهنجي انتظار ۾ ويٺا هوندا. توکي انهن ٻارن سان ۽ انهيءَ ڪلاس روم ۾ ڪم ڪرڻو آهي ۽ ڪامياب ٿيڻو آهي. اِهي اُهي ٻار آهن، جن جون مائرون ۽ جن جا پيئر پنهنجن گهرن ۾، ٻاهر کيتن، ڪارخانن ۽ دڪانن ۾ ۽ آفيسن ۾ ۽ ٻين جاين تي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري رهيا آهن، ته زندهه رهڻ لاءِ ۽ زندگي ماڻڻ لاءِ توکي جن شين ۽ خدمتن جي گهرج آهي، ۽ جيڪي تون ڪم ۾ آڻين ٿو، اُهي شيون ۽ خدمتون هو پيدا ڪن ۽ تو لاءِ موجود رکن، انهن ئي ماڻهن پنهنجا ٻچا توکي سونپيا آهن، جن کي هو اٿاهه پيار ڪن ٿا، ته جيئن موٽ ۾، تون پنهنجي حصي جو بار کڻين ۽ سندن ٻچن جي سنڀال لهين ۽ انهن کي پاڙهي پختو ڪرين، جيڪو معاوضو، ماهيانه پگهار جي صورت ۾، توکي ملي ٿو، اهو به انهن ماڻهن پاران توکي قوم ڏئي ٿي، ته جيئن تون ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪرين، جيئن هر ڪو ٻيو، ڇا هاري، ڇا ڪاريگر، ڇا دڪاندار، ڇا منشي، ڇا سپاهي، ڇا ڪو رستي تي، ڪارخاني ۾ يا هيٺ ڌرتيءَ اندر ڪنهن اونداهي کاڻ ۾، ڪم جو پنهنجو حصو ادا ڪري رهيو آهي، هيءَ ڪم جي باهمي حصي رسي انساني سطح تي قائم مهذب زندگي جو اصل روح آهي، ۽ جيئن ته هر ڪنهن جا ٻار آهن، جيڪي هو پڙهائيءَ لاءِ اسڪول موڪلي ٿو، انهيءَ ڪري سڀني جون اکيون تو ۾ ۽ تنهنجي ڪلاس ۾ کتل رهن ٿيون، ۽ اُهي هر گهڙيءَ خوف ۽ اميد ۾ تو ڏانهن کڄيل آهن ته، استاد طور، شل تون پنهنجي ڪم ۾ سرخرو ۽ ڪامياب رهين! اهو ئي سبب آهي، جو هر ڪو تعليم جي ڳالهه ٿو ڪري، ۽ ان جي ننڍين ننڍين ناڪامين تي راءِ زني ڪري ٿو. انهيءَ ڪري، سڀني ڌنڌن ۽ خدمتڪاريءَ جي ڪمن ۾ تعليم هڪ ئي ڌنڌو، هڪ ئي ڪم آهي، جيڪو هرگز ناڪام ٿيڻ نه کپي. توکي ياد رکڻ گهرجي ته مائٽ پنهنجا ٻار اسڪول ۾ مار کائڻ، وسارجڻ يا ڌڪاڻجڻ لاءِ ڪونه ٿا موڪلين، تون انهن جي استاد طور اتي انهن کي پاڙهڻ، پيار ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ لاءِ موجود آهين. هائو، ٻار کي مان ڏيڻو آهي، پيار ڪرڻو آهي، ۽ پاڙهڻو آهي، ته جيئن هو مٿي شروع ۾ بيان ڪيل زندگيءَ جا بنيادي قدر – عافيت، آزادي ۽ عزت- حاصل ڪري سگهي، جن جي حاصلات ئي تعليم جو اڪيلو ۽ سچو پچو مقصد آهي. ٻار جي معصوميت، ٻار جو تجسس ۽ ٻار جي مسرت، ٻار جي نرملتا، ٻار جي سونجهه ۽ ٻار جي خوشي – اچو ته اهي شيون اسين پنهنجن ٻارن کان وري سکون، جيڪي اسان جي آڏو تڏن تي، بينچن تي يا ڊيسڪن تي ويٺا آهن. اهو استاد، جنهن جي من ۾ مسرت آهي، تجسس آهي، معصوميت آهي، اُن استاد ڄڻ آڏو ويٺل پنهنجن شاگردن سان يڪدليءَ جي تار کي توڻي ئي ڇيڙي ۽ ملائي ڇڏيو آهي، ۽ علم ۽ جذبي جي من کان من تائين لهر جي رسائيءَ لاءِ گهربل ڪڙي ڄڻ اڳي ئي اُنهن سان ڳنڍي ڇڏي آهي، جيڪي کانئس ٻڌڻ لاءِ تيار، وٺڻ لاءِ تيار ۽ وٺي پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار هئا. جو ڪجهه به استاد طور وٽس کين آڇڻ لاءِ موجود هو. باقي، توکي، پنهنجي سامهون ويٺل اُنهن جوان ذهنن جو هڪ سڄاڻ ۽ روشن ضمير استاد طور، جو ڪجهه ڪرڻو آهي، سو اول هيءُ ته توکي معلوم ڪرڻو ۽ سمجهڻو آهي ته توکي ڇا پاڙهڻو آهي، يعني ترت ئي اُنهن کي ڪهڙو سبق توکي ڏيڻو آهي، ۽ پڙهائيءَ جو سڄو ڪيترو ڪورس يا رستو توکي اُنهن سان پورو ڪرڻو آهي، ۽ ٻيو هيءُ ته اهو سڀڪجهه توکي ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان ڪرڻو آهي. ان لاءِ جيڪڏهن تون هڪ تربيت ورتل استاد آهين، ته توکي اڳي ئي چڱي ڪجهه ڄاڻ هوندي، ۽ وڌيڪ تون ان لاءِ وقت بوقت، پنهنجي هيڊ ماستر کان ۽ پنهنجن وڌيڪ لائق ۽ تجربيڪار ساٿين کان پڇي ۽ معلوم ڪري سگهين ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ ان لاءِ تون جنهن ڪلاس تي مقرر ڪيو ويو آهين، ان جي درسي ڪتابن ۽ پڻ ان لاءِ مقرر ٿيل ۽ لکيت ۾ تو وٽ موجود نصاب جي مطالعي مان به تون معلوم ڪري سگهين ٿو. مختصر لفظن ۾ توکي ان ڪم لاءِ هيءَ ئي صلاح ڏيئي سگهجي ٿي ته ڪلاس ۾ پير رکڻ کان پهريائين، توکي جو ڪجهه پاڙهڻو آهي، ان جي پوري ڄاڻ ۽ اُن جي پڙهائيءَ لاءِ پوريءَ طرح پاڻ کي تيار رکڻ گهرجي. ڪلاس روم ۾ بلڪه سڄيءَ پنهنجيءَ تدريسي زندگيءَ ۾، استاد جي ڪاميابيءَ لاءِ ان کان بهتر ٻي ڪا فارمولا يا نسخو ٿي ئي نٿو سگهي. انهيءَ ڪري، پوري يقين ۽ خوداعتماديءَ سان تدريس جي راهه ۾ پنهنجو قدم اڳتي وڌاءِ، هڪ نيڪ طبع، خيرپسند ۽ خيرخواهه استاد جي حيثيت ۾، تنهنجي آڏو هڪ تمام سٺو ۽ ڏاڍو ڪارائتو جيون مارگ موجود آهي. ibrahimjoyo@yahoo The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail
Posted on: Sat, 05 Oct 2013 08:14:17 +0000

Trending Topics



Recently Viewed Topics




© 2015